پاڪستان۽زمبابوي جي ٽيمن وچ جاري ٽـن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ۽ اهم ميچ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد مهمان زمبابوي جي ٽيم کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي

پاڪستان۽زمبابوي جي ٽيمن وچ جاري ٽـن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ۽ اهم ميچ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد مهمان زمبابوي جي ٽيم کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي، ٻنهي ٽيمن ۾ رٿيل ٽين ۽ آخري ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.

قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويل ٻين ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي ٽاس  کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جوفيصلو ڪيو.

Pak-Cricket

زمبابوي جي ٽيم سڪندر رِضا جي شاندار سنچري ۽چباباجي 99 رنز جي اننگ سبب مقرره 50 اوورس ۾268رنز اسڪور ڪيو.

سڪندر رضا هڪ سو رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته  چبابا 99رنز جي اننگ کيڏي.

Sikandar-Raza-Zimbawe

قومي ٽيم پاران وهاب رياض ۽ياسر شاهه ٻه-ٻه ،جڏهن ته محمد حفيظ، شعيب ملڪ ۽انور علي هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم زمبابوي جي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 270ر نز جو ٽارگيٽ 47 ڏهائي 2 اوورس ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

قومي ٽيم جي ڪپتان اظهرعلي شاندار 102رنز جي اننگ کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار اداڪيو،  جڏهن ته حارث سهيل 52 ۽ شعيب ملڪ 36رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار اداڪيو.

زمبابوي ٽيم پاران ڪريمر ٻه ،جڏهن ته موپروا ۽چبابا هڪ-هڪ وڪِيٽ حاصل ڪئي.

قومي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي کي بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*