ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا جي مختلف ڪيسن ۾ 10 ۽ 13 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا  جي مختلف ڪيسن ۾  10 ۽ 13 جون تائين  واڌ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ذوالفقار مرزا کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ ۽ سندس پاسپورٽ تحويل ۾ وٺڻ واري درخواست تي وفاق ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي  10 جون لاءِ   نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ذوالفقار مرزا جي بدين ۾  داخل  ٽن  ڪيسن  ۾ ضمانت ۾ واڌ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ذوالفقار مرزا رينجرز جي سخت  سيڪيورٽي ۾ پيش ٿيو.

Zulfiqar-mirza-ATC-Khi

عدالت ذوالفقار مرزا جي  درخواست تي عبوري ضمانت ۾ 10 تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ ذوالفقار مرزا جي درخشان ٿاڻي تي حملي واري ڪيس ۾ 10 تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ساڳي عدالت ذوالفقار مرزا جي ضمانت پڪي ڪرڻ واري درخواست تي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو 10 جون تائين محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

بدين جي واپارين ذوالفقار مرزا کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ ۽ سندس پاسپورٽ تحويل ۾ وٺڻ  لاءِ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي .

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ذوالفقار مرزا پرڏيهه فرار ٿيڻ چاهي ٿو ۽ هو واپس نه ايندو ان ڪري کيس پرڏيهه وڃڻ کان روڪي سندس پاسپورٽ تحويل ۾ ورتو وڃي.

عدالت اهڙي درخواست تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سميت لاڳاپيل  ڌرين کي 10 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ذوالفقار مرزا جي بڪتر بند تي چڙهڻ واري ڪيس ۾  به   ضمانت ۾ 13 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  ذوالفقار مرزا خلاف داخل ڪيس  اي ٽي سي کان سيشن جج جي عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي به 10 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*