قمبر ۾ پ ٽ الف جي سڏ تي سوين استادن ڊي او تعليم ۽ ٽريزري کاتي جي ڊسٽرڪٽ آفيسر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي

 قمبر ۾ پ ٽ الف جي سڏ تي سوين استادن ڊي او تعليم ۽ ٽريزري کاتي جي ڊسٽرڪٽ آفيسر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.

استادن  نياز حسين جلباڻي، طارق ڇڄڙو، ممتاز گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

استادن چيو ته  قمبر ۾ سفارش تي  ڊي او تعليم مقرر ڪيو  ويو آهي، جنهن کي ٻيون اضافي چارجز به ڏنيون ويون آهن .

هن چيو هڪ طرف سرڪار تعليم کي بهتر ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي سفارشي  ماڻهن کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو پيو وڃي جنهن سان تعليم ويتر متاثر ٿيندي.

 هنن چيو ته ٽريزري کاتي جي ڊسٽرڪٽ آفيسر بنا جواز استادن جون پگهارون بند ڪري استادن کي پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

احتجاج ڪندڙ استادن مطالبو ڪيو ته استادن جون پگهارون جاري ڪري سفارش تي مقرر ڪيل  ڊي او تعليم کي هٽايو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*