آصف زرداري خلاف لفظ واپس نه ورتا ويا ته عدالت سان رابطو ڪيو ويندو فاروق ايڇ نائيڪ

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف نيب ريفرنسز ۾ سندس وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ اي آر واءِ گولڊ ريفرنس تي دليل مڪمل ڪري ورتا آهن، فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ آهي ته اي آر واءِ ريفرنس ۾ مک جوابدار بري ٿي چڪا آهن، نيب وٽ آصف علي زرداري خلاف ڪي به ثبوت ناهن.

راولپنڊي جي احتساب عدالت جي جج چوڌري محمد چوڌري، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران اي آر واءِ ريفرنسز تي دليل ڏيندي آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف علي زرداري خلاف سياسي بنيادن تي ڪيس قائم ڪيا آهن، نيب وٽ آصف زرداري خلاف ڪي به ثبوت ناهن.

عدالت، ايندڙ ٻڌڻي تي فاروق ايڇ نائيڪ کي ارسس ٽريڪٽر ريفرنس ۽ نيب فاروق ايڇ نائيڪ جي دليلن تي جوابي دليل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 28 نومبر تائين ملتوي ڪئي.

عدالتي ڪارروائي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف علي زراري تي پنهنجي ڪتاب ۾ الزام لڳائيندڙ صدر الدين هاشواڻي کي هڪ ارب رپين جي هرجاڻي جو نوٽيس ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن ان آصف زرداري خلاف لفظ واپس نه ورتا ته عدالت سان رابطو ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*