وزيراعظم نواز شريف ۽ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ، مستونگ سانحي کانپوءِ هلندڙ هفتي ڪوئيٽا ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي

وزيراعظم نواز شريف ۽ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ، مستونگ سانحي کانپوءِ هلندڙ هفتي ڪوئيٽا ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، وزيراعظم چيو آهي ته مستونگ سانحي جي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

وزيراعظم نواز شريف، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران مستونگ واقعي کانپوءِ واري صورتحال تي غور ڪيو ويو.

بلوچستان جي وڏي وزير، مستونگ سانحي بابت وزيراعظم کي تفصيلي سان بريفنگ ڏني، جڏهن ته کيس واقعي بعد فورسز جي آپريشن کان پڻ آگاهه ڪيو.

ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته هلندڙ هفتي ڪوئيٽا ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ بلوچ قومپرست پارٽين سميت سڀني کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته مستونگ سانحي جي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*