بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته مستونگ سانحي کانپوءِ رد عمل وڌيڪ اچي سگهي پيو، پارلياماني جماعتن جي ڪردار سبب رد عمل گهٽ ٿيو

بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته مستونگ سانحي کانپوءِ رد عمل وڌيڪ اچي سگهي پيو، پارلياماني جماعتن جي ڪردار سبب رد عمل گهٽ ٿيو، بلوچستان اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مولانا عبدالواسع چيو آهي ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف مستونگ واقعي کي به پشاور ۽ صفوران سانحي جيان ڏسن.

سي ايم هائوس ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ اپوزيشن ليڊر سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ چيو ته مستونگ سانحي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.

هن چيو ته بلوچستان سانحي تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، واپاري تنظيمن کي گذارش آهي ته ڪاروبار بند رکن.

عبدالمالڪ بلوچ چيو ته مستونگ سانحو انتهائي افسوسناڪ آهي، ان جو رد عمل وڌيڪ اچي سگهي پيو پر پارلياماني پارٽين جي مثبت ڪردار سبب صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*