مستونگ سانحي ۾ مارجي ويلن جي وارثن گورنر ۽ وزيراعليٰ هائوس آڏو لڳايل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو

مستونگ سانحي ۾ مارجي ويلن جي وارثن گورنر ۽ وزيراعليٰ هائوس آڏو لڳايل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، مارجي ويلن جا مڙهه تدفين لاءِ پشين روانا ڪيا ويا آهن.

بلوچستان جي علائقي پشين کان ڪراچي ويندڙ ٻن ڪوچز کي ڊبل ڪيبن گاڏين ۾ سوار هٿياربندن مستونگ ويجهو يرغمال بڻائي 35 مسافرن کي اغوا ڪرڻ بعد سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي 22 ڄڻن کي قطار ۾ بيهاري گوليون هڻي قتل ڪيو.

Mostong-Firing

مارجي ويلن جي سڃاڻپ محمد حنيف، سيد نجيب الله، ڪوچ ڊرائيور نجيب الله، محمد عثمان، حبيب الله، حاجي سعيد احمد، عصمت الله، نعيم خان، حاجي عبدالطاهر، حاجي سعيد زئي، محمد وارث، احمد خان، نصير الله، محمد حنيف، سيد حسين، عبدالجبار، نظير الله، پشين واسي محمد عمر ۽ مولوي مهر الله جي نالن سان ڪئي وئي.

Mostong-1

مقتولن جي وارثن ۽ صوبائي حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ تدفين لاءِ مقتولن جي مڙهن کي اباڻن علائقن ڏانهن اماڻيو ويو آهي.

مظاهرين جو چوڻ آهي ته حڪومت واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، سندن پيارن کي گولين جو کاڄ بڻائيندڙ کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.

ٻئي طرف وڏي وزير عبدالملڪ بلوچ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.

هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هـُــــــــو متاثرن سان گڏ آهي، واقعي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*