ايگزيڪٽ خلاف جعلي ڊگرين واري معاملي جي جاچ جاري آهي، ايف آءِ اي جي ٽيم جعلي ڊگرين سان ڀريل وڌيڪ 500 دٻا کڻائي وئي آهي

ايگزيڪٽ خلاف جعلي ڊگرين واري معاملي جي جاچ جاري آهي، ايف آءِ اي جي ٽيم جعلي ڊگرين سان ڀريل وڌيڪ 500 دٻا کڻائي وئي آهي.

ايف آءِ اي پاران جعلي ڊگرين واري معاملي جي جاچ جاري آهي، هڪ جاچ ٽيم ايگزيڪٽ جي ڪراچي هيڊ آفيس پهتي ۽ سامان جي چڪاس ڪئي.

ذريعن موجب جعلي ڊگرين سان ڀريل وڌيڪ 500 دٻا کڻي ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيا ويا.

واضح رهي ته جعلي ڊگرين واري معاملي ۾ ايگزيڪٽ جي سي اي او شعيب  شيخ، چيف آپريٽنگ آفيسر وقاص ۽ 5 ڊائريڪٽرز هن وقت ايف آءِ اي جي تحويل ۾ آهن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*