لاڙڪاڻي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن چوڪيدار کي يرغمال بڻائي ايس ڊي او آفيس ۾ استادن جي حاضري ۽ تصديق لاءِ لڳايل بائيو ميٽرڪ سسٽم ۽ ڪمپيوٽرز سميت ٻيو سامان ٽوڙي ڇڏيو

لاڙڪاڻي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن چوڪيدار کي يرغمال بڻائي ايس ڊي او آفيس ۾ استادن جي حاضري ۽ تصديق لاءِ لڳايل بائيو ميٽرڪ سسٽم ۽ ڪمپيوٽرز سميت ٻيو سامان ٽوڙي ڇڏيو، سيڪريٽري تعليم واقعي کي دهشتگردي قرار ڏيندي چيو آهي ته ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

اڻڄاتل هٿياربندن رات جي وقت ايس ڊي او آفيس جي چوڪيدارکي يرغمال بڻائي آفيس ۾ لڳايل بايو ميٽرڪ سسٽم جا چار ڪمپيوٽرز، ڪئيمرا ۽ آفيس ۾ پيل سامان ٽوڙي ڇڏيو.

آفيس جي چوڪيدار غلام شبير سيال جو چوڻ آهي 6 ٻٽ ٻڌل هٿياربندن کيس يرغمال بڻايو ۽ آفيس ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي، جنهن بعد مارڪٽ ڪري کيس ڇڏي ويا.

سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو واقعي کي دهشتگردي قرار ڏيندي چيو آهي ته معاملي جي چڱي ريت جاچ ڪرائي ويندي.

هن چيو ته جن ماڻهن کي بايو ميٽرڪ سسٽم لڳائڻ تي اعتراض هئا، انهن جي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، جيڪو به ملوث نڪتو ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*