ٿر ۾ انڊر ڪول گئسيفڪيشن پراجيڪٽ تحت بجلي پيدا ڪرڻ جو اڄ ٻئي ڏينهن به هڪ وڌيڪ ڪامياب تجربو ڪيو ويو

ٿر ۾ انڊر ڪول گئسيفڪيشن پراجيڪٽ تحت بجلي پيدا ڪرڻ جو اڄ ٻئي ڏينهن به هڪ وڌيڪ ڪامياب تجربو ڪيو ويو، پراجيڪٽ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد شبير چيو آهي ته وفاق بجيٽ ۾ فنڊز نه رکيا ته منصوبو وقت سر مڪمل نه ٿي سگهندو، سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ جو چوڻ هو ته منصوبي مان 50 کان 5 سئو يا هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، جنهن کي ڪمرشلائيز به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

Thar-Coal

ٿر ۾ انڊر ڪول گئسيفڪيشن پراجيڪٽ تحت  خميس تي به بجلي پيدا ڪرڻ جو تجربو ڪيو ويو، جيڪو مڪمل طور ڪامياب ٿيو، اڄ به ساڳئي پراجيڪٽ تحت بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو.

يوسي پراجيڪٽ جي مينجنگ ڊائريڪٽر محمد شبير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي سرڪار کي ٿر ڪول يوسي جي پراجيڪٽ کي قومي منصوبو قرار ڏئي ان جي بجيٽ منظور ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ٿر ڪول انڊر گرائونڊ گئسيفڪيشن منصوبو ملڪ جو قومي منصوبو آهي.

Thar-Coal-2

هن چيو ته ٿر ڪول منصوبي جي هڪ سئو ميگاواٽ بجلي تيار ٿيڻ بعد نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿيندي، تنهنڪري جيڪڏهن وفاقي حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ يو سي جي پراجيڪٽ لاءِ فنڊ نه رکيا ته هي منصوبو مڪمل نه ٿي سگهندو.

هن چيو ته وفاقي حڪومت طرفان دير سان فنڊ جاري ڪرڻ سبب هن منصوبي جي معاهدي موجب بجلي پيدوار شروع ٿيڻ ۾ دير ٿي آهي ۽ وقت تي فنڊ جاري نه ٿيڻ ڪري منصوبي جي لاڳت ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي.

 يوسي پراجيڪٽ جي مينجنگ ڊائريڪٽر چيو ته وفاقي سرڪار 2010ع ۾ ڄاڻايل پراجيڪٽ جي تيار ڪيل پي سي ون ۾ 8 ڏهائي 8 بلين لاڳت خرچ سان هڪ سئو ميگاواٽ بجلي جو منصوبو مڪمل ڪرڻو هو، پر وقت سر بجيٽ جاري نه ٿيڻ ڪري منصوبو شروع نه ٿي سگهيو.

 هن وڌيڪ چيو ته هي منصوبو ٽن سالن ۾2013 ۾ مڪمل ٿيڻو هو، پر بجيٽ نه ملڻ سبب رولهڙي جو شڪار آهي، 8 ارب روپين جي بجيٽ مان وفاق طرفان هيل تائين رڳو 2 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن.

ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام نيوز نائيٽ ۾ ڳالهائيندي سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جو تجربو بلاڪ 5 ۾ ڪيو ويو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪو مڃي يا نه مڃي، هنن ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو.

ڊاڪٽر ثمر مبارڪ جو چوڻ هو ته منصوبي مان 50 کان 5 سئو يا هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته ٿر ڪول مان پيدا ٿيندڙ بجليءَ کي ڪمرشلائيز به استعمال ڪري سگهجي ٿو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*