اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت تڪبندين جا تفصيل طلب ڪري ورتا

اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت سنڌ سرڪار کان تڪبندين جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ حڪومت ڏانهن خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾مڪاني چونڊن بابت ڪيل تيارين جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن، سنڌ حڪومت کان سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيل تڪبندين جا نقشا، وارڊز ۽ يونين ڪائونسل جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن.

اليڪشن ڪميشن موجب، مڪاني چونڊن بابت تڪبنديون ڪرائڻ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي، تفصيل ملڻ بعد مڪاني چونڊن جي حوالي سان تفصيلي سان غور ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*