ڪرنسي سمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي وڪيلن جي ڊسڪه واقعي خلاف جاري هڙتال سبب سڀاڻي تائين ملتوي ٿي وئي آهي

ڪرنسي سمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي وڪيلن جي ڊسڪه واقعي خلاف جاري هڙتال سبب سڀاڻي تائين ملتوي ٿي وئي آهي، جڏهن ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جي جڊيشل رمانڊ ۾ 15 ڏينهن تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

ڪسٽم عدالت جي جج راڻا آفتاب ماڊل ايان علي جي ڪرنسي سمگلنگ ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي وڪيلن جي هڙتال سبب ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سندس جڊيشل رمانڊ ۾ 15 ڏينهن تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

ماڊل ايان علي جي وڪيل خرم لطيف کوسا طرفان سندس والد اڳوڻو گورنر سردار لطيف کوسا پيش ٿيو.

ماڊل ايان علي کي راولپنڊي جيل مان ڪسٽم عدالت آندو ويو آهي، جتي عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ کيس 15 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*