ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ ضلعه ڪائونسل جي 978 مان 887 ۽ تعلقه ڪائونسل جي 978 مان 747 سيٽن جو نتيجو پڌرو ڪيو ويو آهي

ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ ضلعه ڪائونسل جي 978 مان 887 ۽ تعلقه ڪائونسل جي 978 مان 747 سيٽن جو نتيجو پڌرو ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ضلعه ڪائونسل ۾ پي ٽي آءِ پي ٽي آءِ 280 ۽ تعلقه ڪائونسل ۾ 232 سيٽون کڻي ميدان ماري ورتو آهي.

ضلعه ڪائونسل ۾ جي يو آءِ ف کي 115، اي اين پي کي 91، نواز ليگ کي 83، جماعت اسلامي کي 74، پيپلز پارٽي کي 44، قومي وطن پارٽي کي 14 ۽ ٻين ننڍين پارٽين کي 13 سيٽون مليون، جڏهن ته 173 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا.

تعلقه ڪائونسل جي 978 سيٽن مان 747 سيٽن جو نتيجو پڌرو ٿيو آهي، جنهن موجب پي ٽي آءِ 232 سيٽون کڻي پهرين نمبر تي آئي.

تعلقه ڪائونسل ۾ جي يو آءِ ف 115، جماعت اسلامي کي 85، نواز ليگ کي 55، اي اين پي کي 55، پيپلز پارٽي کي 35، قومي وطن پارٽي کي 13 ۽ ٻين ننڍين پارٽين کي 9 سيٽون مليون، جڏهن ته آزاد اميدوار 148 سيٽن تي ڪامياب ٿيا.

ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن جا اهي غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجا آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*