مظفرآباد ۾ نيلم جهلم پاور پروجيڪٽ تي سرنگهه اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽي پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا جڏهن ته ٽن چيني انجنيئرن سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا

مظفرآباد ۾ نيلم جهلم پاور پروجيڪٽ تي سرنگهه اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽي پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا جڏهن ته ٽن چيني انجنيئرن سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

 منجهوئي سائيٽ تي نيلم جهلم پاور پروجيڪٽ تي سرنگهه جي کوٽائي دوران زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب 3 پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا.

ڌماڪي سبب ٽن چيني انجنيئرن سميت 16 پورهيت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

ذريعن موجب سرنگهه جي کوٽائي دوران گئس ڀرجي وڃڻ سبب ڌماڪو ٿيو، جڏهن ته ڪيترائي پورهيت اڃا به ملبي هيٺان دٻيل هجڻ جا اطلاع مليا آهن.

واقعي کان پوءِ امدادي سرگرميون جاري آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*