ٽانڪ ۾ آزاد اميدوار جي ڪاميابيءَ جي خوشي ۾ جلوس تي دستي بم حملي ۽ فائرنگ ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

ٽانڪ ۾ آزاد اميدوار جي ڪاميابيءَ جي خوشي ۾ جلوس تي دستي بم حملي ۽ فائرنگ ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪوهاٽ ۾ جنرل ڪائونسلر جي گهر تي فائرنگ ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ٽانڪ جي ڪڙي حيدر واري علائقي ۾ آزاد اميدوار ولي خان جي ڪاميابي جي خوشي ۾ سندس حامين جي جلوس تي هٿياربندن گرنيڊ سان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي ايف سي ۽ سڪيورٽي عملدار واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو.

ڪوهاٽ ۾ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي ڪاميابي ماڻيندڙ ذبيح الله جي گهر تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽  10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب ذبيح الله جي ڪاميابيءَ بعد سندس گهر ماڻهو اچي رهيا هئا ته اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*