شدت پسند تنظيم داعش شام ۾ آمريڪا جي هڪ ٻئي امدادي ڪارڪن کي قتل ڪري ڇڏيو

شدت پسند تنظيم داعش شام ۾ امريڪا جي هڪ ٻئي امدادي ڪارڪن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي،جنهن جي امريڪي صدر پاران شديد مذمت ڪئي وئي آهي.

آمريڪا جي امدادي ڪارڪن پيٽر ڪيسگ کي داعش پاران قتل ڪرڻ جي هڪ وڊيو به جاري ڪئي وئي آهي.

آمريڪي صدر براڪ اوباما پيٽر ڪيسگ جي قتل واري واقعي کي دهشتگرد تنظيم پاران شيطاني ڪارروائي قرار ڏنو ويو آهي.

ٻئي پاسي مقتول جي والدين جو چوڻ آهي ته سندن پٽ کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي،سندن چوڻ هو ته پٽ شامي عوام لاءِ محبت سبب ماريو ويو آهي.

واضع رهي ته پيٽر ڪيسگ پنجون امدادي ڪارڪن آهي جنهن کي داعش پاران اغوا ڪري قتل ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ ٻه برطانوي امدادي ڪارڪن ايلن هيننگ ۽ ڊيوڊ هينز جڏهن ته 2 آمريڪي صحافي جيمز فولي ۽ اسٽيون سوتلوف کي به داعش جي ويڙهاڪن قتل ڪري ڇڏيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*