نواز ليگ، فنڪشنل ليگ ۽ پي ٽي آءِ سنڌ سرڪار جي ايندڙ بجيٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو آهي ته پ پ حڪومت 7 سالن دوران تعليم، صحت ۽ توانائي واري شعبي ۾ هڪ به وڏو منصوبو شروع نه ڪيو آهي

نواز ليگ، فنڪشنل ليگ ۽ پي ٽي آءِ سنڌ سرڪار جي ايندڙ بجيٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو آهي ته پ پ حڪومت 7 سالن دوران تعليم، صحت ۽ توانائي واري شعبي ۾ هڪ به وڏو منصوبو شروع نه ڪيو آهي.

ڪراچي ۾ فنڪشنل ليگ، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بجيٽ تجويزن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي نند ڪمار گوڪلاڻي، ثمر علي خان، حاجي شفيع ڄاموٺ ، مهتاب اڪبر راشدي ۽ ٻين چيو ته حڪومت کي بجيٽ تجويزون مارچ مهيني ۾ وٺڻ گهرجن ها.

هنن چيو ته سنڌ سرڪار جي ايندڙ بجيٽ ويزن کان خالي ۽ سنڌ لاءِ بي فائدي هوندي ۽ پ پ سرڪار 7 سالن دوران سنڌ لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو.

فنڪشنل ۽ نواز ليگ اڳواڻن چيو ته هو ايم ڪيو ايم کي حڪومت جي بي ٽيم سمجهن ٿا.

مخالف ڌر جي اڳواڻن چيو ته پ پ سرڪار 7 سالن دوران تعليم، صحت ۽ توانائي واري شعبي ۾ هڪ به وڏو منصوبو شروع نه ڪيو آهي.

هنن چيو ته پ پ سنڌ کي ڀلي پئرس نه بڻائي پر سنڌ کي رهڻ جي لائق بڻايو وڃي، جنهن ۾ عورتون ويم دوران نه مرن، لٽ مان نه ٿئي ۽ ٻارڙا اسڪول وڃي سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*