نوشهره جي عدالت اي اين پي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ميان افتخار کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي

نوشهره جي عدالت اي اين پي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ميان افتخار کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي، سڀاڻي سندس وڪيل ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائيندو، مقتول حبيب الله جي پيءُ شير عالم چيو عدالت ۾ حلفيه بيان ڏيندي چيو آهي ته ميان افتخار سندس پٽ جي خون ۾ ملوث نه آهي، ميان افتخار چيو آهي ته ڪي پي ڪي حڪومت سندس معاملي تي سياست کان پاسو ڪري.

ميان افتخار کي نوشهره جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت کيس 14 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائيندي مقتول حبيب الله جي پيءُ شير عالم چيو ته ميان افتخار سندس پٽ جي قتل ۾ ملوث نه آهي ۽ نه وري هن اهڙي ڪا ايف آءِ آر ئي ميان افتخار خلاف داخل ڪرائي آهي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ميان افتخار چيو ته هو باچا خان جو پوءِ لڳ آهي ۽ خواب ۾ به ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو سوچي نه ٿو سگهي.

هن چيو ته جڏهن مقتول جي پيءُ عدالت ۾ حلفيه بيان ڏنو آهي ته ميان افتخار سندس پٽ جي خون ۾ ملوث نه آهي ته پوءِ ڪير ڇو کيس ان ۾ ملوث ڄاڻائي رهيو آهي ۽ ان ڳالهه جي تحقيق ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته هو پر امن شهري آهي ۽ پنهنجن لاءِ ميڻ ۽ دشمنن لاءِ لوهه جي ڀت آهي.

هن چيو ته عدالت کيس ۽ مدعي کي سڀاڻي طلب ڪيو آهي ۽ کيس عدالت مان انصاف جي پوري پوري اميد آهي.

ميان افتخار چيو ته هو آصف زرداري، ميان نواز شريف، چوڌري نثار، راڻا ثناءُ الله، مولانا فضل الرحمان ۽ انهن سڀني جو ٿورائتو آهي، جن ساڻس همدردي جو اظهار ڪيو ۽ کيس دلير ڪوٺيو.

هن چيو ته هو پاڻ شهيد جو پيءُ آهي ۽ تازو جيڪو نوجوان شهيد ٿيو آهي، اهو به سندس پٽ وانگي آهي، هو ڪنهن کي خواب ۾ به قتل ڪرڻ جو سوچي نه ٿو سگهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*