سعودي عرب ۽ اتحادين جا يمن ۾ حوثي باغين تي هوائي حملا جاري آهن، سومر جي صبح سوير نوقم جبل واري علائقي ۾ فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو

سعودي عرب ۽ اتحادين جا يمن ۾ حوثي باغين تي هوائي حملا جاري آهن، سومر جي صبح سوير نوقم جبل واري علائقي ۾ فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو.

نوقم واري علائقي ۾ فوجي اڏن تي سعودي اتحادي جي بمباري کانپوءِ باهه ۽ دونهين جا ڪڪر اڏامندي نظر اچي رهيا هئا، ان هوندي به فوري طور تي ڪنهن جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن.

حملن کانپوءِ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ هر ماڻهو لڪڻ لاءِ محفوظ هنڌ ڳولي رهيو هو.

Yemen

سعودي اتحاد پاران يمن جي اتر، ڏکڻ توڙي مرڪزي علائقن ۾ حوثي باغين خلاف بمباري جو سلسلو جاري آهي، صنعا جي رهواسين موجب سومر تي لڳاتار ڌماڪن ۽ اينٽي ايئر ڪرافٽ جي فائرنگ جا آواز اچي رهيا آهن.

Yemen-1

صنعا تي قبضي کانپوءِ هلندڙ سال مارچ مهيني ۾ عدن تي حوثي باغين جي قبضي کانپوءِ صدر عبدالرب هادي فرار ٿي سعودي عرب پهتو هو، جنهن بعد يمن جي حوثي باغين تي حملا شروع ڪيا ويا هئا.

يمن جنگ ۾ هن وقت تائين 2 هزار ماڻهو مارجي چڪا آهن، جڏهن ته 8 هزار کان وڌيڪ زخمي آهن، انکانسواءِ لکين ماڻهو بي گهر ٿي پناهگيرن جي زندگي گهارڻ تي مجبور آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*