اٽلي ۽ ڏکڻ سوئٽزرلينڊ ۾ طوفاني برساتن سبب 4 ڄڻا فوت ڪيترائي زخمي

اٽلي ۽ ڏکڻ سوئٽزرلينڊ ۾ طوفاني برساتن سبب مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

سوئٽزرلينڊ جي علائقي ليوگانو ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ مختلف علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

شهر جي مختلف علائقن ۾ مٽيءَ جو ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

جڏهن ته اٽلي ۾ تيز برساتن کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ شهر جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

اٽلي جي علائقي سيرڊي ليويٽو ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻه ڄنا فوت ٿي ويا.

موسميات کاتي پاران ٻنهي خطن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪندي ٻوڏ جي وارننگ به جاري ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*