ڪراچي سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ذوالفقار مرزا کي ٽن هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

ڪراچي سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ذوالفقار مرزا کي ٽن هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا  جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ذوالفقار مرزا جي وڪيل عدالت کي عرض ڪيو ته  ڊاڪٽر ذوالفقار گهرواريءَ جي علاج لاءِ 15 جون تي پرڏيهه وڃڻ چاهي ٿو ان ڪري کيس اجازت ڏني وڃي.

عدالت ذوالفقار مرزا جي  درخواست منظور ڪندي کيس ٽن هفتن لاءِ  پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

واضح رهي ته،  ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پاران اهڙي درخواست  دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ به داخل ٿيل آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*