صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سندس گهر تي ڇاپي ۽ 2 ارب رپيا هٿ اچڻ واري خبر کي بي بنياد قرار ڏنو آهي

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سندس گهر تي ڇاپي ۽ 2 ارب رپيا هٿ اچڻ واري خبر کي بي بنياد قرار ڏنو آهي،پارٽي چيئرمين بابت هن چيو ته، بلاول ڀٽو ناراض نه هو، جڏهن ته ذوالفقار مرزا هاڻي ماضي جو قصو بڻجي ويو آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نه سندس گهر تي ڇاپو لڳو هو ۽ نه وري گهر مان  رقم هٿ آئي هئي.

شرجيل انعام ميمڻ گهر تي ڇاپي جي خبر هلائيندڙ چئنل کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته چينل کي 2 ارب رپين جي هرجاڻي جو نوٽيس موڪليو  آهي ۽ پيمرا کي به ڪارروائي لاءِ خط لکيو آهي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ناراض نه هو ۽ پارٽي چيئرمين ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

صوبائي وزير چيو ته ذوالفقار مرزا هاڻي ماضي جو قصو بڻجي ويو آهي ۽ هن جون وڊيو موجود هئڻ باوجود عدالتون کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي رهيون آهن.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار مڪاني چونڊن لاءِ  تياريون ڪري ڇڏيون آهن.

هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ تي ضابطي لاءِ سمنڊ جي پاڻي کي مٺو ڪرڻ واريون رٿائون شروع ڪيون پيون وڃن ۽ تمام جلد  4 ملين گيلن پاڻي جي رٿا شروع ڪئي ويندي.

هن چيو ته ڪراچي ۾ 100کان وڌيڪ غير قانوني هائڊرينٽس ڊاهيا ويا آهن ۽ غير قانوني ڪنيڪشن به ڪاٽيا ويا آهن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*