پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڇهن مهينن جي خاموشيءَ ٽوڙي دبئيءَ کان ڪراچي پهچي ويو آهي

پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڇهن مهينن جي خاموشيءَ ٽوڙي   دبئيءَ کان ڪراچي پهچي ويو آهي، جتي هن سياسي سرگرميون شروع ڪندي پ پ ڪي پي ڪي جي صدر کي سڀاڻي ڪراچي پهچڻ جون هدايتون ڪيون آهن.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ دبئي کان ڪراچي پهتو آهي، ساڻس بختاور ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر به گڏ هيون، بلاول هائوس ڪراچي پهچڻ تي  پ پ اڳواڻ شيري رحمان ۽ ٻين اڳواڻن سندس آجيان ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري ڇهن مهينن بعد ڏيهه پهتو آهي، جنهن بلاول هائوس پهچندي  پ پ ڪي پي ڪي جي صدر خانزاده خان کي سڀاڻي ڪراچي پهچڻ جون هدايتون ڪيون.

پ پ چيئرمين، خانزاده خان کي پڻ اها هدايت ڪئي آهي ته،کيس ڪي پي ڪي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن بابت رپورٽ ڏيڻ سميت کيس سموري صورتحال بابت بريف ڪري……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*