قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ مجموعي پيداوار جو هدف 5 ڏهائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي

قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ مجموعي پيداوار جو هدف 5 ڏهائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، وفاق جي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 700 ارب رپيا مقرر ڪرڻ ۽ صوبن جي ترقياتي پروگرامن لاءِ 8 سئو 14 ارب رپيا رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، سنڌ جي مطالبي تي سمورن صوبن کي صحت واري شعبي ۾ 11 ارب 10 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ ۽ سنڌ کي پاڻي منصوبن لاءِ 2 ارب رپيا ڏنا ويندا.

قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس وزير اعظم جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، ناڻي وارن وزيرن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ اقتصادي راهداري منصوبو ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ 15 کرب رپين کان وڌيڪ جي ترقياتي منصوبن جي منظوري به ڏني وئي.

قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ سنڌ جي مطالبي تي سڀني صوبن لاءِ صحت واري شعبي ۾ 11 ارب 10 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ سنڌ جا صحت واري شعبي ۾ 8 مهينن کان رهندڙ 200 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي.

اجلاس ۾ صوبن کي پاپوليشن واري کاتي جي مد ۾ 5 ارب 20 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ سنڌ کي پاڻي منصوبن جي مد ۾ 2 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*