عمران خان چيو آهي ته نادرا پنهنجي رپورٽ ۾ اياز صادق کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي

عمران خان چيو آهي ته نادرا پنهنجي رپورٽ ۾ اياز صادق کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، نادرا چيئرمين جڊيشل ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ بدران پرڏيهه نڪري ويو، مٿس زبردست دٻاءُ آهي، نوازليگ جي اڳواڻ انوشـَي رحمان چيو آهي ته عمران خان ادارن جي بي عزتي ڪرڻ بند ڪري، پي ٽي آءِ چونڊن ۾ منظم ڌانڌلين جو هيل تائين هڪ به ثبوت پيش نه ڪري سگهي آهي.

انڪوائري ڪميشن جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڌانڌلين جو ڪير ته ذميوار هوندو، جنهن جي نشاندهي ٿيڻي آهي.

هن چيو ته نادرا اياز صادق کي بچائڻ چاهي ٿو، جنهن سبب ئي نادرا چيئرمين تي دٻاءُ آهي.

عمران خان چيو ته نادرا چيئرمين انڪوائري ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ بدران پرڏيهه نڪري ويو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته مٿس دٻاءُ آهي.

نوازليگ اڳواڻ ۽ مملڪتي وزير  انوشي رحمان عمران خان ادارن جي بي عزتي ڪرڻ بند ڪري، پي ٽي آءِ چونڊن ۾ منظم ڌانڌلين جو هيل تائين هڪ به ثبوت پيش نه ڪري سگهي آهي.

انوشي رحمان چيو ته عام چونڊن ۾ 35 پنڪچرز جون ڳالهيون ڪندڙ اڃا تائين ڪي به ثبوت سامهون آڻي نه سگهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*