ن ليگ جا پابندي مڙهيل تنظيمن سان واسطا آهن شيرين مزاري

تحريڪ انصاف جـِي مرڪزي ترجمان شيري مزاري الزام هنيو آهي ته ن ليگ جا پابندي مڙهيل تنظيمن سان واسطا آهن، نواز شريف، القاعده سربراهه اسامه بن لادن کان پئسا ورتا هئا، پـِي ٽي آءِ تي الزام لڳائيندڙ حڪومت پاڻ دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيرين مزاري چيو ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي ريلي تي فائرنگ ن ليگ اڳواڻن ڪرائي هئي، فائرنگ ۾زخمي ٿيل هڪ ڪارڪن عدنان فوت ٿي ويو آهي.

هن چيو ته وفاقي وزير پرويز رشيد مسلسل غلط بياني ڪري رهيو آهي، کيس ياد هئڻ گهرجي ته عمران خان آپريشن ضرب عضب جي حمايت ڪئي هئي.

شيرين مزاري چيو ته تحريڪ انصاف جي قيادت جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ سڀ کان وڏو مذاق آهي، پي ٽي وي تي حملن جا الزام لڳائيندڙ مسلم ليگ ن سپريم ڪورٽ تي حملوس ڪرايو ۽ ن ليگ ئي رياستي ادارن تي حملن جو ڪلچر متعارف ڪرايو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ الزام هنيو ته ن ليگ جا پابندي مڙهيل تنظيمن سان رابطا آهن، پنجاب ۾ راڻا ثناءُ الله دهشتگرد تنظيمن جي اڳواڻن سان ملندو رهندو آهي، جڏهن ته نواز شريف پڻ اسامه بن لادن کان پئسا ورتا هئا، جنهن جي تصديق قاضي حسين احمد ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*