ڀريا سٽي ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران شگر ملزمالڪن خلاف احتجاج ڪيو ويو

ڀريا سٽي ۾ پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران ڪمند جي پيڙهائي شروع نه ڪندڙ شگر ملز ۽ انهن پاران آبادگارن کي سرڪار جا مقرر اگهه نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران ڀريا سٽي  پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته شگر ملز کي پابند ڪيو وڃي ته اُهي تڪڙي پيڙهائي شروع ڪن ته جيئن آبادگار پنهنجو فصل ملن تائين پهچائي سگهن.

ان موقعي تي آبادگارن مطالبو ڪيو ته جيڪي ملون مقرر سرڪاري اگهه 220 رپيا نه ٿيون ڏين انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

اڳواڻن اهو به مطالبو ڪيو ته ملن جي انڊيٽ سسٽم کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن وقت سر آبادگارن پنهنجو ڪمند ملڻ تائين پهچائي سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*