نوشهر جي عدالت اي اين پي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ميان افتخار کي قتل ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي

نوشهر جي عدالت اي اين پي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ميان افتخار کي قتل ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

ميان افتخار کي جيل مان نوشهره جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت سندس ضمانت واري درخواست کي ٻه لک رپين جي ضمانتي مُچلڪن عيوض منظور ڪيو.

ميان افتخار  جي وڪيل ضمانتي مُچلڪا جمع ڪرايا، جنهن کانپوءِ ميان افتخار کي آزاد ڪيو ويو.

ميان افتخار عدالتي احاطي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مقتول جو پيءُ سندس زندگي ۾ فرشتو ٿي آيو، جنهن ڪري سندس آزادي عمل ۾ آئي.

هن چيو ته هو نه خوني آهي ۽ نه وري هُن ڪنهن کي اهڙو ڪو حڪم ڏنو، اهڙي ڳالهه هو خواب ۾ به نه ٿو سوچي سگهي، هن چيو ته هو پاڻ شهيد جو والد آهي ۽ شهادت جو درد هن کان وڌيڪ ڪير سمجهي سگهي ٿو.

ميان افتخار جو چوڻ هو ته کيس ان ڪيس ۾ اڙائي هڪ سازش ڪئي وئي، جنهن کي ضرور وائکو ڪيو وڃي.

ياد رهي ته ميان افتخار کي تازو مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي جي خوشي ۾ ٿيل فائرنگ دوران هڪ نوجوان جي مارجي وڃـڻ ۾ ملوث هجڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو پر مدعي مٿس نه بيٺو، جنهن کانپوءِ کيس ضمانت تي اڄ آزاد ڪيو ويو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*