بدين جي سيشن جج جي عدالت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس 107 حامين جي ستن ڪيسن ۾ پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

بدين جي سيشن جج جي عدالت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس 107 حامين جي ستن ڪيسن ۾ پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، ذوالفقار مرزا چيو آهي ته کيس اميد آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ناني ۽ ماءُ جي نقش قدم تي هلندو.

اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا 107 حامين سان گڏ ٿاڻي تي ڀڃ ڊاهه ۽ هٿيارن جي نمائش سميت ستن ڪيسن جي ضمانت وارو مدو پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس 107 حامين جي پڪي ِضمانت منظور ڪندي کيس پرڏيهه وڃڻ جي به اجازت ڏني.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي وطن واپسي ۽ سياسي سرگرمين جي شروعات ڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آهي، اميد ته هو ناني شهيد ذوالفقار ۽ والده شهيد بينظير جهڙي سياست ڪندو.

هن چيو ته بختاور بدين مان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ته هو سندس ڀرپور حمايت ڪندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ ذوالفقار مرزا چيو ته هو گهرواري جي علاج لاءِ پرڏيهه وڃي رهيو آهي، وطن واپسي بعد عوامي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندو.

 ٻڌڻي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪندي وڏي انگ ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي هئي.

…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*