ميرپورخاص ۾ مٺڙائو ۽ جمڙائو ڪينال جي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي جي کوٽ خلاف ٻئي ڏينهن به ڊائريڪٽر نارا ڪينال جي آفيس آڏو ڌرڻو جاري آهي

ميرپورخاص ۾ مٺڙائو ۽ جمڙائو ڪينال جي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي جي کوٽ خلاف ٻئي ڏينهن به ڊائريڪٽر نارا ڪينال جي آفيس آڏو ڌرڻو جاري آهي.

جمڙائو ڪئنال ۽ مٺڙائو ڪئنال جي پڇڙي سان تعلق رکندڙ ڊگهڙي، نئون ڪوٽ، ڪوٽ غلام محمد ۽ ڪنري سب ڊويزن جا هزارين آبادگار ٻئي ڏينهن به نارا ڪينال جي آفيس آڏو قائم ڪئمپ تي ڌرڻي ۾ ويٺل آهن.

آبادگار اڳواڻ مير اعجاز ٽالپر ۽ ٻين چيو ته مٺڙائو ۽ جمڙائو ڪينال جي پڇڙي ۾ پاڻي  نه پهچڻ ڪري آبادگار خريف جي پوکائي ناهن ڪري سگهيا.

هنن چيو ته منڍ جي بااثر ماڻهن سڌو سنئون واهن مان واٽر ڪورس ڪڍرائي ڇڏيا آهن، جنهن سبب پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آهن.

اڳواڻن چيو ته جمڙائو ۽ مٺڙائو ڪينال جي پڇڙي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، پاڻي چوري ڪندڙن سان گڏ آبپاشي عملدار به ان جا ذميوار آهن.

هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب آبادگار معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جمڙائو ۽ مٺڙائو ڪينال جي پڇڙي مان پاڻي جي کوٽ ختم ڪري آبادگارن کي معاشي بحران کان بچايو وڃي، ٻي صورت ڌرڻو جاري رکيو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*