جگر جي مرض ۾ مبتلا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگرد قربان سومري کي علاج لاءِ اڄ ڀارت منتقل ڪيو پيو وڃي

جگر جي مرض ۾ مبتلا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگرد قربان سومري کي علاج لاءِ اڄ ڀارت منتقل ڪيو پيو وڃي.

جگر جي مرض سان جهيڙيندڙ نوجوان قربان سومري کي چندو ڪري علاج لاءِ ڀارت اماڻيو پيو وڃي.

شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگرد قربان سومري کي واهگا باڊر ذريعي دهلي پهچايو ويندو جتي اپالو اسپتال ۾ جگر  جي پيوندڪاري ٿيندي.

اپالو اسپتال جو ڊاڪٽر  شهباز گپتا نوجوان قربان سومري جي جگر جي مرض جو علاج ڪندو.

جگر جي مرض سان جهيڙيندڙ نوجوان سان سندس ڀاءُ شڪيل احمد، مامو نعيم احمد ۽ چاچو مظفر سومرو به ڀارت وڃي رهيا آهن.

خيرپور کان واهگا بارڊر روانگي کان اڳ جيم خانه ڪلب ۾ قربان سومرو سان  سندس علاج لاءِ چندو گڏ ڪندڙن ملاقات ڪئي ۽ سندس صحتيابي لاءِ اجتماعي دعا پڻ گهري وئي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*