ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي 6 حامين جي جسماني ريمانڊ ۾ 4 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي 6 حامين جي جسماني ريمانڊ ۾ 4 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي، عدالت مختلف ڪيسز ۾ شاهد پيش نه ڪرڻ تي ٽن انسپيڪٽرز جا به ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي حامي نواز جتوئي، محمد خان قاضي، خدابخش قمبراڻي، هاشم، اسماعيل ۽ قادر ميمڻ جي جسماني ريمانڊ ۾ 4 جون تائين واڌ ڪندي کين پوليس حوالي ڪيو.

سمورا جوابدار ٿاڻي تي حملي ۽ هٿيارن جي نماءُ واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان گڏ نامزد آهن.

ٻئي پاسي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر هڪ جي جج بشير احمد کوسو مختلف ڪيسز ۾  شاهد پيش نه ڪرڻ تي انسپيڪٽر اسماعيل لاشاري، عبدالخالق ۽ علي محمد جا 15 جون تائين ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*