سپريم ڪورٽ، 18هين ۽ 21 هين ترمين خلاف درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

سپريم ڪورٽ، 18هين ۽ 21 هين ترمين خلاف درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ججز ريمارڪس ڏنا آهن ته 20 ماڻهن کي ويهاري آئين ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن، ٻڌايو وڃي ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فول ڪورٽ 18 ۽ 21 هين ترميم خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل حفيظ پيرزادي دليل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ ترميم ختم ڪرڻ جو اختيار ناهي ته ضياءُ الحق کي ڪهڙي قانون تحت اجازت ڏني وئي.

ججز ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن عدالت پنهجو دائرو وڌائي ته ان تي نظرثاني ڪري ڪندو، بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي ٿيڻ گهرجي يا نه ان بابت جواب ملڻ گهرجي.

جسٽس انور ظهير جمالي رمارڪس ڏنا ته ظفر علي شاهه ڪيس ۾ ڪيترن ئي ججز آگاهه ڪيو ته انهن فيصلو پڙهيو ئي ناهي، رڳو صحيحيون ڪيون ويون.

هن چيو ته نصرت ڀٽو ڪيس جي فيصلي کانپوءِ ڪنهن ۾ اها جرت نه ٿي ته هــــُـو اڳتي اچي عدالت کي ٻڌائي ها ته انهيءَ فيصلي ۾ هٿ چراند ٿي آهي.

ججز ريماڪس ۾ چيو ته عدليه جي آزادي بنيادي جزو آهي، سپريم ڪورٽ وٽ اهو اختيار آهي ته آئين جي بنيادي ڍانچي خلاف ترميمن کي رد ڪري سگهجي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*