نيپرا بجلي اگهن ۾ 2 رپيا 8 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

نيپرا بجلي اگهن ۾ 2 رپيا 8 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اگهن ۾ لاٿ ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي لاڳو نه هوندي.

نيپرا نيشنل پاور پراجيزنگ ايجنسي جي درخواست تي بجلي اگهن ۾ لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

نيپرا موجب، مارچ مهيني جي فيول ايڊجيسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي قيمتن ۾ 2 رپيا 8 پئسا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بلن ۾ گهٽائي جون مهيني ۾ ڪئي ويندي.

بجلي اگهن م لاٿ50 کان گهٽ يونٽ استعمال ڪندڙ ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي لاڳو نه هوندي.

واضح رهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي سبب ملڪ اندر بجلي قيمتن م لاٿ جي منظوري ڏني وئي آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*