قمبر ۾ ڪرڪيٽ جي ميدان تي ضلعي انتظاميا پاران واڪنگ ٽريڪ ۽ چوڌيواري ٺاهڻ خلاف نوجوان رانديگرن دهل وڄائي انوکو احتجاج ڪيو

قمبر ۾ ڪرڪيٽ جي ميدان تي ضلعي انتظاميا پاران واڪنگ ٽريڪ ۽ چوڌيواري ٺاهڻ خلاف نوجوان رانديگرن دهل وڄائي انوکو احتجاج ڪيو.

نوجوان رانديگرن محمد علي بروهي، فياض علي ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دهل وڄائي  انوکو احتجاج ڪندي ڊي سي قمبر خلاف نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته ضلعي انتظاميه ڪرڪيٽ گرائونڊ تي واڪنگ ٽريڪ ۽ چوديواري ٺهرائي رهي آهي، جنهن سان ميدان وڌيڪ سوڙو ٿي ويندو.

هنن چيو ته قمبر ضلعي ۾ ڪرڪيٽ جو هڪ ئي ميدان آهي، ان تي به انتظاميا واڪنگ ٽريڪ ۽ ديوار ٺهرائي راندين جي سرگرمين ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهي آهي.

نوجوانن مطالبو ڪيو ته ڪرڪيٽ جي ميدان تي هلندڙ ڪم بند ڪرائي راندين خلاف سازشون بند ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*