پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته، ڀارتي وزيراعظم جو ڳالهين بابت موقف ٺلهو حوال آهي

پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار  سرتاج عزيز  چيو آهي ته، ڀارتي وزيراعظم جو ڳالهين بابت موقف  ٺلهو حوال آهي، پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو.

ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي سرتاج عزيز وڌيڪ چيو ته، پاڪستان ڀارت گڏيل ۽ نتيجن واريون ڳالهيون چاهي ٿو ۽ پاڪستان جا  ڀارت سميت سمورن پاڙيسرن سان بهتر لاڳاپا آهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته،ڀارت لڳاتار لائن آف ڪنٽرول ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ان باوجود پاڪستان ڪشمير سميت سمورن تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*