زخمي ڪارڪن عدنان جي فوت ٿيڻ واري دعويٰ ڪوڙي نڪتي عدنان جيئرو آهي ڊاڪٽر

 تحريڪ انصاف جـِي ترجمان شيرين مزاري جي زخمي ڪارڪن عدنان جي فوت ٿيڻ واري دعويٰ ڪوڙي نڪتي آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته عدنان جي جيئرو آهي ۽ حالت خطري کان ٻاهر آهي، جڏهن ته عارف علويٰ معذرت ڪندي چيو آهي ته کين ڪارڪن جي فوت ٿيڻ بابت غلط ڄاڻ ڏني وئي هئي.

پي ٽي آءِ جي ترجمان شيرين مزاري پريس ڪانفرنس ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته گذريل ڏينهن جهلم ۾ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڪارڪن محمد عدنان فوت ٿي ويو پر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي عدنان جيئرو آهي ته سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.

راولپنڊي جي هڪ اسپتال جي ڊاڪٽر موجب، گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ ڪارڪن محمد عدنان کي اسپتال آندو ويو هو،  کي سيني تي زخم ضرور آهن پر ان جي حالت بهتر آهي.

هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ عارف علوي، ميڊيا ۾ ڪارڪن جي فوت ٿيڻ بابت غلط بيان  اچڻ تي معذرت ڪندي چيو آهي ته کين ڪارڪن جي فوت ٿيڻ بابت غلط خبر ڏني وئي هئي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن جهلم ۾ پي ٽي آءِ جي ريلي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 9 ڪارڪن زخمي ٿي پيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*