وفاقي سرڪار جي ترجمان پرويز رشد چيو آهي ته عمران سنجيده آهي ته 3 شرطون پوريون ڪري،چونڊ عمل چورائيندڙن کي پارٽي توڙي حڪومت مان نيڪالي ڏِئَي

وفاقي سرڪار جي ترجمان پرويز رشد چيو آهي ته عمران سنجيده آهي ته 3 شرطون پوريون ڪري،چونڊ عمل چورائيندڙن کي پارٽي توڙي حڪومت مان نيڪالي ڏِئَي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پرويز رشيد چيو ته خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊن دوران بدترين ڌانڌليون ٿيون.

پرويز رشيد چيو ته عمران خان سنجيده آهي ته پهريان 3 شرطون پوريون ڪري.

وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته عمران خان خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊن وارو عمل چورائيندڙن کي پارٽي توڙي حڪومت مان نيڪالي ڏئي.

پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته عمران خان چونڊ نتيجا چوري ڪندڙن کي پارٽي جي ٽڪيٽ نه ڏئي ۽ چار جي ٽولي جو نالو ٻڌائي.

وفاقي وزير چيو ته چار جي ٽولي مڪاني چونڊن دوران مرضي جا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪِريَل حربا استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*