راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي،وڪيل لطيف کوسه جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾  سيڙپڪاري ڪندڙن کي خوار ڪيو ويندو آهي، ايان کي  ڄاڻ نه هئي ته آمريڪي ڊالر کڻي وڃڻ ڏوهه آهي،.

راولپنڊي جي ڪسٽم  عدالت ۾ ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس  ۾  ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي وڪيل لطيف کوسا دليل مڪمل ڪري ورتا.

لطيف کوسه دليل ڏيندي چيو ته پرڏيهه ۾ شوبز شخصيتن جي عزت هوندي آهي، عدنان سميع ۽ راحت فتح علي ان جو مثال آهن.

هن چيو ته ايان علي پرڏيهه وڃڻ لاءِ بورڊنگ ڪارڊ حاصل نه ڪيو، بورڊنگ ڪارڊ کان پوءِ هٿ ايندڙ رقم ئي اسمگلنگ ۾ شمار ٿيندي آهي.

لطيف کوسه جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پنج لک ڊالر کڻي وڃڻ جي اجازت نه هئي ته ٻڌايو وڃي ها.

هن چيو ته ايان علي کي اها رقم دبئي ۾ ڀاءُ کي ڏيڻي هئي پر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي خوار ڪيو ويندو آهي.

لطيف کوسا چيو ته اي ايس ايف کي سون يا ڪرنسي چيڪ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي هو رڳو هٿيار ئي چيڪ ڪري سگهن ٿا.

عدالت لطيف کوسه جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو ڪجهه دير لاءِ محفوظ ڪري ورتو جنهن جي ڪسٽم جي وڪيلن دليل پڻ ڏنا.

وڪيلن جو چوڻ هو ته معاملي جي جاچ اڃا هلندڙ آهي ۽ ڪيس جي حتمي چالان به تيار نه ٿيو آهي تنهنڪري ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ گهرجي.

عدالت ڪسٽم جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*