سڪيورٽي فورسز حب ۾ ڪارروائي ڪري صدر ممنون حسين جي پٽ ۽ 2007 ۾ ڪراچي ۾ چيني انجنيئرن جي بس تي حملي جي ماسٽر مائينڊ کي هڪ ساٿي سميت گرفتار ڪري ورتو آهي

سڪيورٽي فورسز حب ۾ ڪارروائي ڪري صدر ممنون حسين جي پٽ ۽ 2007 ۾ ڪراچي ۾ چيني انجنيئرن جي بس تي حملي جي ماسٽر مائينڊ کي هڪ ساٿي سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.

فرنٽيئر ڪور حب ويجهو ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو، جن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي.

فرنٽيئر ڪور جو چوڻ آهي ته صورت جان مري کي هڪ ساٿي سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.

فرنٽيئر ڪور موجب صورت جان مري نه رڳو تازو صدر ممنون حسين جي پٽ تي حملي پر 2007 ۾ ڪراچي ۾ چيني انجنيئرن جي بس تي حملي جو به ماسٽر مائينڊ هو.

صورت جان مري ۽ سندس ساٿي کي جاچ لاءِ اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*