ڪراچي جي عزيز ڀٽي ٿاڻي تي پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿيل جوابدار وسيم عرف ڀوپا جي وارثن جناح اسپتال ۾ احتجاج ڪيو آهي

 ڪراچي جي عزيز ڀٽي ٿاڻي تي پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿيل جوابدار   وسيم عرف ڀوپا  جي وارثن جناح اسپتال  ۾ احتجاج ڪيو آهي،  الزام هيٺ آيل انسپيڪٽر سميت 4 اهلڪارن کي معطل ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جناح اسپتال جي ايم ايل اومجسٽريٽ جي موجودگي کانسواءِ پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ڊالميا واسي جوابدار  وسيم گذريل رات عزيز ڀٽي ٿاڻي تي پوليس جي تشدد ۾ مارجي ويو هو، جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس وارثن جو وڏو انگ پهچي ويو.

مقتول جي وارثن  پوليس خلاف احتجاج ڪيو، جنهن دوران جناح اسپتال جنگ جو ميدان بڻجي وئي.

الزام هيٺ آيل انسپيڪٽر ظفر  سميت 4 اهلڪارن کي معطل ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي اوڀر پير محمد شاهه جو چوڻ آهي ته معاملي جاچ شروع ڪئي وئي  آهي ۽ لڳي ٿو ته پوليس اهلڪارن جو ڏوهه آهي.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

اي آءِ جي غلام قادر ٿيٻو، جوابدار جي مارجي وڃڻ جو نوٽيس ورتو، ڊي آءِ جي اوڀر کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.

جناح اسپتال جي ايم ايل اومجسٽريٽ جي موجودگي کانسواءِ  مقتول نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*