آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪشمير هڪٻئي لاءِ ضروري آهن، دشمن فرقيواراڻا وڳوڙ ڪرائي قوم کي ورهائڻ گهري ٿو

آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪشمير هڪٻئي لاءِ ضروري آهن، دشمن فرقيواراڻا وڳوڙ ڪرائي قوم کي ورهائڻ گهري ٿو، سياسي ۽ عسڪري قيادت جي هم آهنگي دشمن کي پليت ارادن ۾ ناڪام بڻائيندي، جڏهن ته ضرب عضب شهري علائقن ۾ دهشتگردن خلاف فيصلائتين ڪارروائين جي گنجائش کي جنم ڏنو.

نيشنل ڊفينس يونيورسٽي راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي  آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته جنگي حڪمت عملي ۾ تيزي سان تبديلي اچي رهي آهي.

هن چيو ته دشمن ملڪ ۾ فرقيواريت کي هوا ڏئي قومي ٻڌي کي ورهائڻ گهري ٿو ۽ دشمن کي سندس اهڙن پليت ارادن ۾ ناڪام بڻايو ويندو.

هن چيو ته آپريشن ضربِ عضب جي نتيجي ۾ شهري علائقن ۾ دهشتگردن خلاف فيصلائتين ڪارروائين جي گنجائش نڪتي، جنهن جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته سياسي ۽ عسڪري قيادت وچ ۾ هم آهنگي سان گهڻيون آسانيون ٿيون آهن.

آرمي چيف ڪشمير ۽ پاڪستان کي هڪٻئي لاءِ ضروري قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائڻ جي روشني ۾ حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.

آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*