زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ولسن مناسي چيو آهي ته پاڪستان راندين لاءِ محفوظ ملڪ اهي

زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ولسن مناسي چيو آهي ته پاڪستان راندين لاءِ محفوظ ملڪ اهي.

زمبابوي جي گادي واري شهر هراري ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ولسن چيو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جا انتظام ساراهه جوڳاهئا.

هن چيو ته پاڪستان جي مهمان نوازي کي هو سڄي عمر نه وساري سگهندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته کين پاڪستان ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف محسوس نه ٿي، رانديگرن ۽ عهديدارن کي ڀرپور سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي.

ولسن چيو ته پاڪستان ۾ هو پوري طرح محفوظ رهيا ۽ حفاظت سان وطن واپس پهتا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ٽيسٽ کيڏندڙ ٽيمن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو پاڪستان جو عوام انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي پنهنجي ملڪ ۾ ڏسڻ چاهين ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*