خيرپور سانحي بابت بيان ڏيڻ لاءِ نه اچڻ تي پوليس اين ايڇ اي جي سموري مشينري پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي

خيرپور سانحي بابت بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جا اعليٰ علمدار ٿاڻي تي نه پهتا، پوليس هاءِ واري نيشنل هاءِ وي تي ڪم ڪندڙ سموري مشينري کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

خيرپور سانحي بابت معطل نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جو جنرل مئنيجر مڪيش ڪمار ۽ ٻيا اعليٰ عملدار بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ سي سيڪشن ٿاڻي تي نه پهتا.

ايس ايس پي سٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مسعود بنگش چيو ته خيرپور سانحي بابت اين ايڇ اي جي اعليٰ عملدارن کي اڄ بيان قلمند ڪرائڻ لاءِ اچڻو هو، جيڪي ڪافي دير انتظار ڪرڻ باجود ناهن آيا.

ايس ايس پي جو چوڻ علمدارن جي نه اچڻ تي قلم 550 تحت نيشنل هاءِ وي تي هلندڙ سمورن ترقياتي ڪمن کي روڪي سموري مشينري پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي.

هن چيو ته سڀاڻي هڪ وڳي تائين تائين اين ايڇ اي عملدار بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ نه پهتا ته سکر آفيس جي عملي کي گرفتار ڪيو ويندو.

يادر رهي ته خيرپور سانحي ۾ ٻارڙن ۽ عورتن سميت 60 ڄڻا فوت ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*