قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ انٽرنشنل ڪرڪيٽ جي بحالي جو تسلسل هجڻ گهرجي

قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ انٽرنشنل ڪرڪيٽ جي بحالي جو تسلسل هجڻ گهرجي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو ته پاڪستان ۾ جهڙي طرح انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي ٿي آهي ان کي آءِ سي سي کي به نظر رکڻ گهرجي.

هن چيو ته شديد گرمي ۾ ڪرڪيٽ مداحن جهڙي طرح ميچز کي ڏٺو اهو عمل ساراهه جوڳو هو.

مصباح الحق وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ پي سي بي ، حڪومت ۽ زمبابوي سان گڏ ڪرڪيٽ مداحن اهم ڪردار ادا ڪيو.

قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو ته سري لنڪا جودورو آسان نه هوندو۽ ميزبان ٽيم کي شڪست ڏيڻ لاءِ سمورن رانديگرن کي ٽنهي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻُو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*