قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻُو ڪپتان ۽ اسٽآر الرائونڊر وسيم اڪرم اڄ پنهنجي 49هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻُو ڪپتان ۽ اسٽآر الرائونڊر وسيم اڪرم اڄ پنهنجي 49هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي.

پنهنجي شاندار بالنگ سبب پاڪستان جي ٽيم کي ڪيترن ئي ميچز ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ فاسٽ بالر 3 جون 1966۾ لاهور ۾ پيدا ٿيو.

وسيم اڪرم پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1985 ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي شروعات ڪئي.

وسيم اڪرم مجموعي طور تي 104 ٽِيسٽ ۽356 ون ڊي ميچز ۾قومي ٽيم جي نمائندگي ڪئي.

اسٽآر الرائونڊر وسيم اڪرم ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 5 سو وڪيٽون حاصل ڪندڙ دنيا جو پهريون نمبر بالر ٿيو.

وسيم اڪرم پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئر دوران بالنگ کانسواءِ بيٽنگ ۾ شاندار ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو.

وسيم اڪرم ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 3 هزار 7 سو 17رنز اسڪور ڪرڻ سان گڏ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 2 هزار 8 سو 98 رنز اسڪور ڪيون.

وسيم اڪرم پنهنجي ڪيريئر ۾ 4 ڀيرا هيٽرڪ ڪرڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو.

جڏهن ته  25 ٽيسٽ ميچز ۾ ۽6 ون ڊي ميچز ۾ 5-5رانديگرن کي شڪار ڪرڻ جو اعزاز به سندس وٽ آهي.

2003 ۾ ڪرڪيٽ کان ڌار ٿيڻ بعد هن ڪرڪيٽ ڪمنٽري جي شروعات ڪئي.

2009 ۾ اسٽآر الرائونڊر وسيم اڪرم کي آءِ سي سي هال آف فيم ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو.

وسيم اڪرم 1992 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو۽ فائنل ۾ انگلينڊ جي ٽيم خلاف مين آف دي ميچ جو ايوارڊ حاصل ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*