سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو ڌار ڌار ترميمي بل منظور ڪيا ويا

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو، ان دوران امتياز شيخ پاران ٿر بابت پيش ڪيل مهملي رٿ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ واري خاطري بعد واپس ورتي وئي، جڏهن ته هٿيارن جي لائنس ۽ سنڌ يونيورسٽيز ۾ ڌا ڌار ترميمي بل منظور ڪيا ويا، جڏهن ته مشترڪه ملڪيت بل  2014ع به اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

 سنڌ اسمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت شروع ٿيو، جنهن دوران ٿر ۾ فوت  ٿيل ٻارڙن جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي.

تعليم بابت بحث ڪندي فنڪشنل ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو ته سنڌ ۾ گوسڙو استادن تعليم کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي ٻارڙن کي ڪتاب نٿا ملن ۽ ڪيترن ئي اسڪولن مان استاد غائب هوندا آهن، جنهن سبب تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي.

نثار کهڙو سوال جو جواب ڏيندي چيو ته هر شاگرد کي داخلا جي بيناد تي مفت ڪتاب ڏنا ويندا آهن، پر ڪيترائي شاگرد داخلا کان پوءِ اسڪول ئي ناهن ويندا.

تعليم واري وزير چيو ته خيرپور ضلعي ۾3 لک 32 هزار کان وڌيڪ ڪتاب ورهايا آهن، هلندڙ سال هڪ ارب 80ڪروڙ رپين جا ڪتاب ڇپرايا ويا آهن.

نثار کهڙو چيو ته سنڌ ۾ 43 هزار پرائمري اسڪول آهن، ڪيترن ئي اسڪولن جون عمارتون به ناهن، جنهن سبب وڌيڪ اسڪولن جي منظوري تي پابندي مڙهي وئي آهي.

تعليم واري وزير چيو ته ماضي ۾ هڪ يوسي ۾ 90 اسڪول ڏنا ويا ۽ هڪ هڪ ڳوٺ ۾ 10کان وڌيڪ اسڪول به ڏنا ويا، جيڪي بند پيل آهن.

نثار کهڙو چيو ته سنڌ ۾ اڌو اڌ ٻارڙا معاشي حالتن سبب داخلا کان پوءِ اسڪول وڃڻ بدران چائيل ليبر ۾ ويندا آهن، ڪيترائي اسڪول ڳوٺاڻن جي لڏپلاڻ سبب ويران ٿي ويا آهن.

تعليم واري وزير چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ساليانو وظيفي ڏنو پيو وڃي، جيڪو هو اي ٽي ايم ذريعي آساني سان حاصل ڪري سگهن ٿا.

اجلاس دوران فنڪشنل ليگ ايم پي اي امتياز شيخ ٿر جي صورتحال بابت مهملي  رٿ پيش ڪندي چيو ته ٿر ۾ 40 ڏينهن دوران 100 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، پر ان مسئلي جي حل لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو ويو.

خوراڪ واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر پيش ڪيل مهملي رٿ تي خاطري ڪرائندي چيو ته ٿر معاملي تي پارلياماني ڪيمٽي جوڙي ويندي جنهن بعد امتياز شيخ پيش ڪيل رٿ واپس ورتي.

اجلاس دوران صوبائي وزير سڪندر منڌرو پاران هٿيارن جي لائنس ۾ ترميم ۽ سنڌ يونيورسٽيز ۾ ڌا ڌار ترميمي بلز اڪثريت راءِ سان منظور ڪيا ويا، جڏهن ته مشترڪا ملڪيت بل  2014ع به اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*