اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ذوالفقار مرزا پاران فوري طور پرڏيهه وڃڻ واري درخواست تي جلد ٻڌڻي ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي

اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ذوالفقار مرزا پاران فوري طور پرڏيهه وڃڻ واري  درخواست تي جلد ٻڌڻي ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

ذوالفقار مرزا جي وڪيل پاران اي ٽي سي ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ذوالفقار مرزا 10 جون کان اڳ پرڏيهه وڃڻ چاهي ٿو ان ڪري سندس درخواست تي فوري طور ٻڌڻي ڪئي وڃي.

ان کان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا جي درخواست تي واسطيدار ڌرين کي 10 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪيا هئا.

بدين ۽ ڪراچي جي سيشن جج جي عدالت ذوالفقار مرزا کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*