پنجاب ۽ سنڌ جي وڏن وزيرن وچ ۾ ملاقات دوران اين ايف سي ايوارڊ جي فارمولا، اقتصادي راهداري کي سنڌ جي شهرن سان ڳنڍڻ، ڪڻڪ جي واپار، ڪراچي ميٽرو بس منصوبي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن

پنجاب ۽ سنڌ جي وڏن وزيرن وچ ۾ ملاقات دوران اين ايف سي ايوارڊ جي فارمولا، اقتصادي راهداري کي سنڌ جي شهرن سان ڳنڍڻ، ڪڻڪ جي واپار، ڪراچي ميٽرو بس منصوبي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن.

ڪراچي جي دوري تي پهتل پنجاب جي وڏي وزير  شهباز شريف  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽گورنر عشرت العباد سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن.

شهباز شريف وزير اعليٰ هائوس  ڪراچي ۾ سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪري اين ايف سي ايوارڊ جي فارمولا، اقتصادي راهداري کي سنڌ جي شهرن سان ڳنڍڻ، ڪڻڪ جي واپار، ڪراچي ميٽرو بس ۽ ڪراچي سرڪلر  منصوبي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن.

ملاقات دوران صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد مراد علي شاهه، نثار احمد کهڙو ۽ سڪندر منڌرو  موجود هئا، جڏهن ته نواز ليگ اڳواڻ سليم ضياءَ، راحيلا مگسي ۽ راڻا مشهود به شهباز شريف سان گڏ هئا.

وزير اعليٰ هائوس ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي مان ۾ مانجهاندو به ڏنو ويو.

ان کان اڳ شهباز شريف گورنر هائوس ۾  عشرت العباد خان سان ملاقات ڪري صوبي ۾ امن امان ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون.

وڏي وزير ءٌ گورنر سان ملاقات کانپوءِ  شهباز شريف  پنجاب هائوس پهتو آهي، جتي  نوازليگ جي چونڊيل نمائندن ۽ اڳواڻن سان سندس ملاقات جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*