نوابشاهه ويجهو زهريلو شرپت پيئڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا ست گهر ڀاتي بيهوش ٿي ويا، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

نوابشاهه ويجهو زهريلو شرپت پيئڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا ست گهر ڀاتي بيهوش ٿي ويا، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڳوٺ حاجي ارباب رند ۾زهريلو شربت پيئڻ سب ٻن ٻارڙن ۽ ٽن عورتن سميت ست گهر ڀاتي بيهوش ٿي ويا.

بيهوش ٿيلن ۾ 52 ورهين انوري بيگم،25 ورهين جي سلمه، 20 ورهين جي دادلي،8 ورهين جي نازيه، 10 ورهين جو ساگر ۽ 26 ورهين جي رياض گل شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

گهر ڀاتي انور کوکر جو چوڻ هو ته سندس پٽ علي اڪبر جو هڪ مرتضيٰ لُنڊ نالي دوست شربت کڻي آيو، جيڪو پيئڻ سبب گهر ڀاتي بيهوش ٿي ويا…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*